ڊاڪٽر صبيحه مغل

ڊاڪٽر صبيحه مغل

صبيحه مغل ڊاڪٽر

صبيحه مغل، ڊاڪٽر: خاڪسار تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر صبيحه مغل، صبيحه مشرقي جي نالي سان به سڃاتي وڃي ٿي. ڊاڪٽر صبيحه جو جنم تعلقي قنبر جي ڳوٺ رسول بخش مغل ۾ ٿيو. هن جو ننڍپڻ ڳوٺ ۾ گذريو، هن بنيادي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي. ان بعد 1965ع ۾ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر سائنس پري ميڊيڪل ۾ پاس ڪيائين. گريجوئيشن اسلامڪ اسٽڊيز ۾ فرسٽ ڪلاس پاس ڪيائين ۽ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ گرلس ڪاليج جيڪب آباد ۽ گرلس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ 9 مهينا تدريسي خدمتون انجام ڏنائين. 1974ع ۾ هن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي، جتان 1980ع ۾ ايم. بي. بي. ايس پاس ڪري ڊاڪٽر ٿي ۽ ڪميشن جو امتحان ڏئي چانڊڪا ڪاليج اسپتال ۾ وومين ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿي، جتي ڏهن سالن تائين ذميواريون نڀائي استعيفا ڏنائين. هن جي شادي 1969ع ۾ لاهور ۾ خاڪسار تحريڪ جي قائد ۽ پنهنجي سياسي نظرياتي ۽ روحاني استاد علامه عنايت الله خان مشرقيءَ جي پٽ ارشاد الله خان مشرقيءَ سان ٿي، جنهن بعد هن خاڪسار تحريڪ جي پليٽ فارم تان سياسي ۽ سماجي سرگرمين جي شروعات ڪئي. جون 1991ع ۾ پاڻ خاڪسار تحريڪ پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ٿي، پوءِ سنڌ بلوچستان جي نائب رهي. هن وقت پاڻ خاڪسار تحريڪ جي عورتن واري شعبي جي صدر هئڻ سان گڏ لاڙڪاڻي ضلعي جي نگران اعلى آهي. هوءَ لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي هوءَ ميمبر پڻ آهي. ڊاڪٽر صبيحه لاڙڪاڻي جي عورتن ۾ سياسي ۽ سماجي جاڳرتا لاءِ ڪيترائي پروگرام ڪرائي چڪي آهي. لاڙڪاڻي ‘خاڪسار عورت ڪانفرنس’ 2001ع ۾ ڪرايائين. سندس ڪوششن سان 2003ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ‘ڊسٽرڪٽ ريسورس سينٽر’ جو بنياد پيو، جتي خاص طور اليڪشن ۾ بيهندڙ عورتن کي معلومات ڏني ويندي آهي. پاڻ لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ ائڊوائزري ڪائونسل جي رُڪن پڻ آهي، جنهن جي هڪ اهم رٿا رائيس ڪئنال جو ڏاکڻيون روڊ ضلعي اسيمبلي کان پاس ڪرائڻ هئي، جنهن تي خاڪسار تحريڪ جي باني علامه مشرقيءَ جو نالو رکيو ويو. اها ڪائونسل ساليانو پنجن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن جا مسئلا حل ڪرائي ٿي. ڊاڪٽر صبيحه، لاهوري محلي ڊيولپمنٽ ڪميٽيءَ جي چيئرپرسن آهي. هن 2007ع ۽ 2010ع ۾ قنبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ آيل ٻوڏ بعد هتان جي عوام جي ڀرپور مدد ڪئي. ڊاڪٽر صبيحه مشرقي سنڌي، سرائڪي، انگريزي، اردو ۽ پنجابي ٻوليون ڄاڻي ٿي. ملڪي سياسي صورتحال تي سندس مضمون خاص ڪري خاڪسار تحريڪ جي 15 روزه اخبار ‘آرگن الصلاح’ ۾ ڇپجي چڪا آهن. ڊاڪٽر صبيحه مغل هڪ سماج سڌارڪ آهي. کيس خدمتن جي اعتراف طور لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽيءَ پاران 2002ع ۾ لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ ڏنو ويو. ڊاڪٽر صبيحه مغل جي رهائش لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو